تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين ڌمڪي کان پوءِ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي ڪنهن به قسم جو حملو ڪري ٿو ته ان جو جواب انتهائي سخت ۽ شديد هوندو.
ايراني صدر مسعود پزشکيان سماجي پليٽفارم “ايڪس” تي بيان جاري ڪندي چيو ته ايران ڪنهن به ناجائز جارحيت کي برداشت نه ڪندو ۽ ان جو ردعمل سخت هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ايران ڪنهن به جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندو.
پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر پڻ واضع ڪيو ته ايران پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن کان اجازت وٺڻ جو محتاج ناهي، ۽ جيڪڏهن آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ مہم جوئي ڪندو ته ايران جو عوام غيرمتوقع ردعمل ڏيندو.
ياد رهي ته گذريل رات آمريڪي صدر ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو سان ملاقات دوران چيو هو ته جيڪڏهن ايران پنهنجو جوهري پروگرام ٻيهر شروع ڪري ٿو ته آمريڪا ان تي فوري حملو ڪرڻ جي حمايت ڪندو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران کي روڪڻ لاءِ “اسان کي انهن کي گرانا پوندو.”

