اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر کياني وفاقي گاڌي واري ھنڌ بلدياتي چونڊون جلد ڪرائڻ بابت درخواست تي ڌرين جي دليلن بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. دورانِ سماعت جسٽس محسن اختر ڪياني جو اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گھمن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا ارشد خان سان مڪالمو ٿيو.
جسٽس محسن ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ سبب نظام تباهه ٿي چڪو آهي، نه پراپرٽي ٽيڪس لڳي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪو ڪم صحيح طريقي سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عدالتن جي فيصلن جي مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.
هن حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته جن ماڻهن هڪ ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو، اهي ئي بعد ۾ ڊويزن بينچ ۾ ويهي ان فيصلي کي معطل ڪري ويٺا. 2021 کان قانون جي ڀڃڪڙي جاري آهي.
اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گھمن وضاحت ڪئي ته قانون سازي سبب اليڪشن ۾ دير ٿي، جڏهن ته جسٽس محسن چيو ته موجوده پارليامينٽ ته 27هين آئيني ترميم ۾ مصروف آهي، وڌيڪ ترميمون مشڪل آهن.
جسٽس محسن ريمارڪس ڏنا ته غلط قانونن جو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ جڏهن قانون غلط بڻجن ته انهن کي واپس آڻڻ ۾ وقت لڳي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025 ۾ ترميمون پيچيده آهن.
عدالت چيئرمين سي ڊي اي ۽ چيف ڪمشنر جو عهدو هڪ ئي شخص وٽ هجڻ تي به سوال اٿاريا. جسٽس محسن چيو ته حڪومت کي سوٽ ڪري ٿو ته هڪ شخص ٻه عهدا رکي، بلدياتي نمائندن جو اختيار سي ڊي اي کي منتقل ڪيو ويو آهي.
درخواست محمد اجلال طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن جي وڪالت ياور گرديزي ڪئي. عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو جلد ٻڌايو ويندو.

