اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا انڪشاف ڪيو آهي ته صرف هڪ نه، پر وڌيڪ ٽي ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، ۽ اهي هن وقت پارليامينٽ ۾ موجود آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي واوڊا ٻڌايو ته سيف الله ابڙو ۽ احمد ملڪ سندس ڀائر آهن ۽ هن وقت سندس گهر ۾ موجود آهن، ٻئي اڄ ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
واوڊا صحافين کي چيو ته لکڻ پڙهڻ جي عادت نه هجڻ سبب غلطيون ٿين ٿيون، پر اهو سندن جمهوري حق آهي ته ڪمما ۽ فل اسٽاپ جون غلطيون درست ڪري ٻيهر پيش ڪجن. هن چيو ته 26 نومبر تي سندس ڀاءُ خيبر پختونخوا نه ايندو.
ان دوران چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جو بيان به سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو ته سيف الله ابڙو جو استعيفو اڃا منظور نه ٿيو آهي، ۽ جيڪڏهن استعيفو آيو ته هو ابڙو کي بلا ڪري منائڻ جي ڪوشش ڪندو.

