اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملي جي سهولتڪارن ۽ هينڊلرز جو نيٽورڪ بي نقاب ڪندي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) راولپنڊي طرفان راولپنڊي ۽ پشاور ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، جن دوران 6 کان 7 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو. ڇاپا پيرودھائي، ڍوڪ ڪشميريان ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هنيا ويا.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 جوابدارن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن مان گرفتار ڪيو ويو، جن مان ڪجهه حملي ڪندڙ جي مدد ۽ رهنمائي ۾ ملوث هئا. جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته حملي ڪندڙ 26 نمبر چونگي کان آن لائن بائيڪيا سروس ذريعي گولڙه آيو، جتان ماسڪ پائي جوڊيشل ڪمپليڪس تائين پهتو.
زير حراست جوابدارن کان الڳ الڳ هنڌن تي جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جتي انهن کان حملي جي منصوبابندي، لاجسٽڪ مدد ۽ رابطن بابت معلومات ورتي پئي وڃي.
ياد رهي ته اسلام آباد ڪچهري جي ٻاهران ٿيل خودڪش حملي ۾ 12 ماڻهو شهيد ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ اسلام آباد بار ڪائونسل 3 ڏينهن جي سوڳ ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو هو. وڪيل برادري طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن طرفان جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

