اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائيءَ دوران اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس تي ٿيل خودڪش حملي ۾ ملوث ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سيل جا 4 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.
گرفتار ٿيلن ۾ ساجد الله عرف شينا شامل آهي، جيڪو خودڪش بمبار جو هينڊلر هو. جاچ دوران شينا اعتراف ڪيو ته ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجود ڪمانڊر دادالله کيس ٽيليگرام ذريعي اسلام آباد ۾ حملو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
دادالله طرفان شينا کي خودڪش بمبار عثمان عرف قاري جون تصويرون موڪليون ويون، جيڪو ننگر هار، افغانستان جو رهواسي هو. عثمان پاڪستان پهچڻ بعد اسلام آباد جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ترسيو.
شينا، دادالله جي هدايت تي، پشاور جي اَکَن بابا قبرستان مان خودڪش جيڪٽ حاصل ڪري اسلام آباد آندو ۽ حملي جي ڏينهن عثمان کي اها جيڪٽ پارائي.
جاچ مان ظاهر ٿيو ته ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجود قيادت هن نيٽورڪ جي اڳواڻي ڪري رهي هئي. آپريشنل ڪمانڊر سميت 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.

