ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل-1 اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ڏوھاري قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٽي رڪني بينچ، جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراهيءَ ۾، 453 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي موجب، شيخ حسينه ۽ سندن ٻه ويجها ساٿي – اڳوڻو گهرو وزير اسد الزمان خان ڪمال (مفرور) ۽ اڳوڻو آءِ جي چوڌري عبدالله المامون (حراست ۾) – گذريل سال جولاءِ جي بغاوت دوران انسانيت خلاف ڏوهن جا مرتڪب قرار ڏنا ويا.
چوڌري عبدالله المامون نه صرف ڏوھ اعترافِ ڪيو آهي، پر هو ٽربيونل جي تاريخ ۾ پهريون رياستي شاهد به بڻيو آهي. استغاثي ٽربيونل کان مطالبو ڪيو آهي ته مجرمن جي ملڪيت ضبط ڪري متاثر خاندانن ۾ ورهائي وڃي.
ان کان اڳ ٽربيونل شيخ حسينه کي ڀارت مان واپس اچي ٽرائل ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪو هن رد ڪري ڇڏيو. ٽربيونل جي فيصلي سان ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ نئون تڪرار جنم وٺي ويو آهي، جتي سزا جي قانوني حيثيت، سياسي اثر ۽ بين الاقوامي ردعمل تي سوال اٿڻ لڳا آهن.

