ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضيا جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عبوري حڪومت جو سربراهه محمد يونس، صدر محمد شهاب الدين ۽ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. پاڪستان جي نمائندگي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪئي، جڏهن ته مالديپ، ڀوٽان، نيپال ۽ سري لنڪا جا وفد به تعزيت لاءِ موجود هئا.
خالدہ ضيا کي قومي اعزاز سان سندن مڙس ۽ اڳوڻي صدر ضياء الرحمان جي ڀرسان دفن ڪيو ويندو. ملڪ ۾ عام موڪل آهي ۽ سندن وفات تي ٽن ڏينهن جو سوگ ملهايو پيو وڃي.
ياد رهي ته خالدہ ضيا جگر جي بيماري ۽ ٻين عارضن ۾ مبتلا رهيون ۽ ڊگهي عرصي تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيون. هوءَ بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم هيون ۽ مسلم دنيا ۾ بينظير ڀٽو کان پوءِ ٻي عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
سندن سياسي ڪيريئر ۾ هوءَ 1991 کان 1996 ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم رهيون، جتي اهم خدمتون سرانجام ڏنيون.

