اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي طلال چوڌري جي ڀاءُ بلال چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو آهي.
ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪميشنر واضح ڪيو ته بلال چوڌري کي نااهل نه ڪيو پيو وڃي، صرف ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊيره غازي خان جي ننڍي چونڊن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي صلاحڪار حذيفه رحمان غير مشروط معافي به طلب ڪئي.
چيف اليڪشن ڪميشنر جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جتي ڪميشن جي موقف موجب وزيرِ مملڪت طلال چوڌري واضح طور تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪميشنر رمارڪس ڏنا ته وزير مملڪت چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جا مجاز ناهن، طلال چوڌري نه رڳو ضابطه ڀڃيو پر پيش ٿيڻ به گوارا نه ڪيو.
طلال چوڌري جي وڪيل ٻڌايو ته موڪل ڪميشن آڏو پيش ٿيندو، جنهن تي کيس حاضري کان استثنا ڏنو ويو.
ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪميشنر حذيفه رحمان کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا توهان وزارت رکڻ چاهيو ٿا؟ حذيفه رحمان جواب ڏنو ته هو هميشه قانون جو پابند آهي ۽ جيڪڏهن ضابطه ڀڃڪڙي ٿي آهي ته هو غير مشروط معافي ٿو وٺي. هن وضاحت ڪئي ته هو ڪارڻر ميٽنگ ۾ نه پر هڪ ميوزڪ نائٽ ۾ شريڪ ٿيو هو.
چيف اليڪشن ڪميشنر هدايت ڪئي ته ڪيس جون دستاويزون حذيفه رحمان کي ڏنيون وڃن ۽ هو باضابطه جواب جمع ڪرائي. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

