ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر پنهنجي لاڏاڻي کان اڳ آخري فلم ۾ ڪم ڪيو، جيڪا هاڻي سندس يادگار رهندي. خراب صحت باوجود هن هدايتڪار سري رام راگھوان جي فلم “Ikkis” ۾ اداڪاري ڪئي، جنهن ۾ هن شهيد سپاهي ارون کهيترپال جي والد جو ڪردار نڀايو. ارون جو ڪردار اداڪار آگستيه نندا ادا ڪيو آهي، جيڪو اڳ زويا اختر جي فلم “The Archies” سان ڊيبيو ڪري چڪو آهي.
فلم ۾ ڌرميندر جو ڪردار جذباتي هجڻ سان گڏ ڪهاڻي کي گہرائي فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته سندس سنجيدگي ۽ تجربو ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو. فلم جي ڪاسٽ ۾ جـي ديپ اهلاوت ۽ سکندر کير به شامل آهن، جيڪي ڪهاڻي کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا.
“Ikkis” جي هدايت سري رام راگھوان ڪئي آهي ۽ پروڊڪشن دينيش ويجان جي Maddock Films ڪئي آهي، جڏهن ته اسڪرپٽ راگھوان سان گڏ ارجيت بسواس ۽ پوجا لدها سرتي لکيو آهي. رپورٽن موجب آنجهاني اداڪار جي هي فلم هن سال جي آخر ۾ 25 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي

