ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر ڊگهي علالت کان پوءِ 24 نومبر تي 89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڌرميندر کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ٻن هفتن اڳ به ساڳئي مسئلي سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جنهن وقت سندس انتقال بابت غلط خبرون هليون هيون، جن تي سندس خاندان سخت ردعمل ڏنو هو.
رپورٽن مطابق ڌرميندر جي آخري فلم ”اڪيـس“ 25 ڊسمبر تي رليز ٿيڻ واري آهي. هن 1960 ۾ فلم ”دل بهي تيرا هم بهي تيرے“ سان ڪيريئر شروع ڪيو ۽ ڇهه ڏهاڪن تي پکڙيل سفر ۾ بالي ووڊ کي شعلي، يادون کي بارات، ڦول اور پٿر، ميرا ڳوٺ ميرا ديش جهڙيون شاهڪار فلمون ڏنيون. 2012 ۾ کيس ڀارت سرڪار طرفان پدم ڀوشن ايوارڊ سان نوازيو ويو.
پنجاب جي لدهيانه ۾ ڪيول ڪرشن ديول جي نالي سان ڄاول ڌرميندر 19 ورهين جي عمر ۾ پرڪاش ڪور سان شادي ڪئي، بعد ۾ هو اداڪاره هيما مالني سان ازدواجي زندگي ۾ منسلڪ ٿيو.
عمر جي وڌڻ باوجود هو سوشل ميڊيا تي سرگرم رهيو ۽ مداحن کي پوک، صحتمند طرزِ زندگي ۽ مثبت سوچ بابت مشورا ڏيندو رهيو.

