ڪراچي (شوبز نيوز) رنوير سنگھ جي نئين فلم ڌرندھر جو ٽريلر جاري ٿيندي ئي نه صرف پاڪستان پر ڀارت ۾ به سخت تنقيدن جو شڪار بڻجي ويو آهي. فلم ۾ ڪراچي جي علائقي لياري کي هڪ “Spy War Zone” طور پيش ڪيو ويو آهي، جتي ڀارتي جاسوسن، دهشتگردن ۽ سياستدانن جي ڪهاڻي کي انتهائي تخليقي انداز ۾ جوڙيو ويو آهي.
فلم جي هدايتڪاري عدتيه دهر ڪئي آهي، جنهن ۾ رنوير سنگھ هڪ ڀارتي جاسوس جي ڪردار ۾ آهي، جڏهن ته ارجن رامپال کي “Angel of Death” نالي ميجر اقبال طور ڏيکاريو ويو آهي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستاني سياست به هن جي مرضي سان هلي ٿي.
فلم ۾ ٻه حقيقي ڪردار به شامل ڪيا ويا آهن:
– سنجَي دت، شهيد چوڌري اسلم جي روپ ۾ “The Jinn” جي نالي سان
– اڪشيه کنھ، رحمان ڊڪيت جي ڪردار ۾ “Apex Predator” طور
فلم جي ٽريلر ۾ ڏيکاريل لياري جي تصويرڪشي تي نه صرف پاڪستاني پر ڀارتي ڏسندڙ به حيران ٿي ويا. ڪيترن ئي ڀارتي سوشل ميڊيا صارفين فلم کي “شرمناڪ پروپيگنڊا”، “فيڪ نيشنلزم” ۽ “تاريخ جي توهين” قرار ڏنو. ڪجهه صارفين طنز ڪندي لکيو ته “بالاڪوٽ جو سيڪوئل ٺاهيندي لياري تائين پهچي ويا!”
نقادن جو چوڻ آهي ته فلم ۾ 1999 جي قندھار هائي جيڪنگ جهڙن واقعن جا به غير واضح اشارا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ چوڌري اسلم ۽ رحمان ڊڪيت جا ڪردار صرف ڪراچي جي گينگ وار ۽ پوليس مقابلي تائين محدود هئا.
فلم تي وڌندڙ تنقيدن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بالي ووڊ ۾ اسڪرپٽس جي کوٽ سبب هاڻ حقيقي تاريخي ڪردارن کي من گهڙت بيانيي ۾ فٽ ڪري پاڪستان مخالف مواد پيش ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي.

