فلسطين ۾ سياسي اڳڀرائي باوجود صورتحال سنگين، پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب

Homeاهم خبرفلسطين ۾ سياسي...

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر ۽ فلسطين بابت بريفنگ دوران چيو ته واپاري فلسطيني علائقن ۾ سياسي اڳڀراي باوجود صورتحال اڃا به انتهائي سنگين آهي ۽ جنگبندي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن.

عاصم افتخار چيو ته گذريل ٻن سالن کان دنيا غزه ۾ هڪ تباھي واري جنگ ڏسي رهي آهي، جنهن ۾ قيد ۽ گھيراءُ ۾رهندڙ فلسطيني عوام تي بار بار بمباري ۽ بک سبب بيان نھ ڪرڻ جھڙيون مصيبتون نازل ٿيون۔ هن ٻڌايو ته 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، جڏهن ته سماجي ۽ معاشي ڍانچو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي.

پاڪستاني سفير چيو ته اسرائيلي جارحيت جي باوجود ٻه اهم سياسي پيش رفتون ٿيون: جولاءِ ۾ اعليٰ سطح اجلاس ۽ نيويارڪ اعلاميه، جنهن ۾ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ وقت مقرر ۽ واپس نھ ٿيڻ جوڳن قدمن جو عزم ڪيو ويو؛ ۽ شرم الشيخ امن سربراهه اجلاس، جتي عالمي شريڪدار گڏ ٿيا ته جيئن جنگبندي برقرار رهي ۽ فلسطيني عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ سياسي رستو نڪري۔

هن چيو ته ان عمل سان گڏ سلامتي ڪائونسل قرارداد 2803 منظور ڪئي، جنهن ۾ جنگ جو خاتمو، غزه جي ٻيهر تعمير، جبري بي دخلي کي روڪڻ ۽ اولھھ ڪناري جي ڳنڍڻ کي روڪڻ جهڙيون تجويزون شامل آهن۔ پاڪستان هن عمل ۾ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو فلسطيني عوام جي ناقابلِ تنسيخ حقن لاءِ اصولي ۽ پراڻي حمايت جو تسلسل آهي۔

عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته جنگبندي جي اعلان کان پوءِ به 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته زباني امن اڃا تائين زميني سطح تي مڪمل تحفظ فراهم نه ڪري سگهيو آهي۔ اولھھ ڪناري ۾ به صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي آبادڪارن ۽ فوجي جارحيت ۾ بي مثال اضافو ٿيو آهي ۽ ڪيترائي ڳوٺ اجاڙيا ويا آهن۔

پاڪستاني سفير چيو ته امن جي ڪوششن ۾ حقيقي اڳڀرائي لاءِ قرارداد 2803 تي عملدرآمد، جنگبندي جو مڪمل لاڳو ٿيڻ، انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ رسائي، غزه جي بحالي، ڳنڍڻ ۽ جبري بي دخلي کي روڪڻ، غيرقانوني آبادڪاري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙين تي احتساب لازمي آهي. هن زور ڏنو ته هڪ معتبر سياسي عمل ضروري آهي، جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جو مقصد 1967 کان اڳ واري سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام هجي، جنهن جو گادي القدس الشريف هجي.

عاصم افتخار چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان پنهنجي اٽل حمايت جو عھد ڪري ٿو ۽ عزت، انصاف، حقِ خود اراديت ۽ آزاد رياست جي جدوجهد ۾ انهن سان مضبوط بيٺل آهي۔ هن چيو ته هاڻي ڪيل واعدن کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ لازمي آهي، ڇو ته اهو هڪ فيصلائتو لمحو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

بيلجيم، لڪسمبرگ ۽ مالٽا سميت...

نيو يارڪ: (ويب ڊيسڪ) فرانس، برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا جهڙن وڏن ملڪن کان پوءِ، بيلجيم، لڪسمبرگ ۽ مالٽا سميت...

فلسطين جي ٻھ رياستي حل...

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي خود اراديت جي حق تي پاڪستان...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});