سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

HomeFeatured Newsسنڌ ۾ جعلي...

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ واري عملي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، شڪارپور، جعلي ڊوميسائل ٺهڻ خلاف سنڌڙي، نصير آباد، فيض گنج، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پنو عاقل، پيرڳوٺ، مٺياڻي، تنگواڻي، ڀان سيد آباد، ڏهرڪي، ڏوڪري ۾ به احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪيا ويا، مظاهرو ڪندڙ نوجوانن جو چوڻ هو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف ميهڙ ۾ مختلف تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو

سنڌ ۾ ڌارين کي  ڊوميسائل، پي آر سي  فارم ۽ ڊي فارم جاري ٿيڻ خلاف ميهڙ ينگ اسٽوڊنٽ ۽ نوجوان سوشل آرگنائيزر ميهڙ جي اڳواڻن ابوذر ٻگهيو، اطهر پهنور، رحمٰن پهنور، حارث پهنور، سرمد چانڊيو، آزاد چنا، رفيق چنا، فرمان چنا، حسنين لاشاري، مهراڻ ڪلهوڙو، مبين جهتيال، ياسر ڳورڙ، عادل ڀٽي ۽ بدر ڇاٻرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

 مظاھري ۾ شامل  شاگرد پورھيت شهري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ دعا چونڪ کان نعريبازي ڪندا گھنٽا گھر چونڪ تي پھتا جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ڊوميسائيل ڌارين کي جاري ڪرڻ پنهنجي ايندڙ نسلن جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جيان آھي، ان لاء سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجن ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ ھن عمل خلاف سراپا احتجاج ٿيڻو پوندو.

 ان موقعي تي شاگردن مطالبو ڪيو ته لاڪ ڊائون سبب شاگرد سخت پريشان رھيا آھن ان لاء يونيورسٽيز سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن جون فيس معاف ڪيون وڃن.

نصير آباد ۾ ڪوڙن ڊوميسائيلن خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ خلاف نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي طرفان شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 اڳواڻن صوفي غفار چنہ، امجد سنڌي، برڪت باغي، جي ايم سنڌي، ساگر تنيو، رياض علي، ياسر علي، عامر بليدي ۽ ٻين آن لائن انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڌارين کي ٺاهي ڏنل ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن.

هنن چيو ته ڌارين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏئي سنڌي شاگردن جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن اهڙي سازش کي سنڌي ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا.

سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ڊوميسائيل جاچ ڪاميٽي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ۾ پھتي

سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ڊوميسائيل جاچ ڪاميٽي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ۾ پھتي، جاچ ڪاميٽي اڳواڻ قاضي شاھد، ڊاڪٽر سعيد ۽ نظير احمد قريشي 2 ڏينھن ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ۾ جاچ ڪئي شروعاتي طور تي ڪاميٽي ٻن سالن جي رڪارڊ جي جاچ ڪئي، ٻن سالن ۾ گھوٽڪي ضلعي اندر 14 ھزار ڊوميسائيل ٺھيا آھن جن مان 2 سئو جدا ڪيا ھئا سين ۽ اڄ ٻي ڏينھن تي انھن مان 114 سليڪٽ ڪيا آھن جن مان 75 ڪيس اھڙا آھن جن تي اسان ڪمنٽس ڏئي ڇڏيا آھن، مقامي ماڻھن پاران 30 نالا ڏنا ويا آھن جن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي، جاچ ڪاميٽي تفصيل موجب سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ڊوميسائيل جاچ ڪاميٽي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ۾ پھتي جاچ ڪاميٽي اڳواڻ قاضي شاھد، ڊاڪٽر سعيد ۽ نظير احمد قريشي 2 ڏينھن ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ۾ جاچ ڪئي شروعاتي طور تي ڪاميٽي ٻن سالن جي رڪارڊ جي جاچ ڪئي ڪاميٽي موجب ٻن سالن ۾ گھوٽڪي ضلعي اندر 14 ھزار ڊوميسائيل ٺھيا آھن جن مان 2 سئو جدا ڪيا ھئا سين ۽ اڄ ٻي ڏينھن تي انھن مان 114 سليڪٽ ڪيا آھن جن مان 75 ڪيس اھڙا آھن جن تي اسان ڪمنٽس ڏئي ڇڏيا آھن يعني انھن جي جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آھي باقي ڪيسن جي جاچ ڪري رھيا آھيون ھنن چيو ته  مقامي ماڻھن پاران 30 نالا ڏنا ويا آھن جن کي بہ جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي جڏھن ته شھرين پاران پنجاب جي رھواسي  اڳوڻي ڊي سي گھوٽڪي محمد طاھر وٽُو جي ٻن پٽن لاء ٻڌايو ته ھنن جا ڊوميسائيل بہ  گھوٽڪي ضلعي مان ٺھرايا ويا آھن جاچ ڪاميٽي جو چوڻ ھو ته اسان ھاڻ وڃون ٿا سومر تي ڪنھن ٻي ضلعي ۾ ھوندا سين ھنن چيو ته اسان کي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻي ھوندي آھي اسان پاڻ ڪنھنجو ڊوميسائيل رد نہ ٿا ڪري سگھون رد ڪرڻ جا اختيار اسان وٽ ناھن

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائيل: ٽوئيٽ...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪوڙن ڊوميسائل وفاق ۽ سنڌ صوبي ۾ سنڌي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون نه ملڻ...

جساف ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ...

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري) جساف ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري عمل خلاف جساف...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});