نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري) جساف ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري عمل خلاف جساف اڳواڻ سيد ناصر شاهه، جسقم ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، منير ابڙو، سيد عاقب شاهه، ڪاشف لاکو، حنان عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي جو اتي ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ڌرتي ڌڻين جي حقن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻاهران کان آيل غير سنڌي آفيسرن هزارن جي تعداد ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري اسان جي نوڪرين ۽ تعليمي ادارن ۾ ملندڙ سيٽن تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته فوري طور تي سڄي سنڌ جي ضلعي ۾ شفاف جاچ ڪرائي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن جعلي ڊوميسائيل رد نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.
جساف ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

