اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ خوشيءَ جي خبر آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي۔
ذرائع موجب، پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 6 رپيا 35 پيسا في لٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي۔ پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 75 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پيسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي۔
ساڳئي طرح، گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ 73 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 6 رپيا 35 پيسا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل انڊسٽري قيمتن ۾ تجويز ڪيل تبديلي بابت پنهنجي ورڪنگ مڪمل ڪري اوگرا کي موڪلي ڏني آهي، جنهن جي بنياد تي اوگرا سمري تيار ڪري رهيو آهي۔ اها سمري وزارتِ خزانه کي موڪلي ويندي، جيڪا 30 نومبر تي اعلان ڪندي ۽ نيون قيمتون پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿينديون، جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ مؤثر رهنديون۔
ناڻي واري وزارت اعلان کان اڳ وزيراعظم سان صلاح مشورا به ڪندي۔

