اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف تنخواہ دار طبقن تي ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي، جنهن تحت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس رعايت لاءِ باقاعده ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔
پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيئرمين ايف بي آر ٻڌايو ته وزيراعظم وڏي ڪمپنين تي لاڳو سپر ٽيڪس ۾ به گهٽتائي جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ حڪومت سطح تي مشاورت جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت مرحلاوار سپر ٽيڪس گهٽائڻ ۽ آخرڪار ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي ويندي۔ سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي.
راشد محمود لنگڙيال وضاحت ڪئي ته ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جو دارومدار ٽيڪس ڪمپلائنس ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ اضافي تي هوندو۔ جيترا وڌيڪ ماڻهو ٽيڪس ڏيندا، اوترو ئي ٽيڪس ريٽ گهٽائي سگهجي ٿو۔

