اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاران آمدني جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز

HomeFeatured Newsاسلام آباد: آءِ...

اسلام آباد (نمائندو خصوصي)  عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران لڳ ڀڳ 194 ارب رپين جي آمدني جي کوٽ کي معيشيت لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري ٻئي اقتصادي جائزي جي پاليسي سطح تي ڳالهين جو مرحلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ “ميمورنڊم آف ايڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسيز” جي مسودي تي مشاورت جاري آهي.

ذريعن موجب، وفاقي سيڪريٽري خزانه جي سربراهيءَ ۾ معاشي ٽيم آءِ ايم ايف مشن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جي به مشن سان ملاقات متوقع آهي. ڳالهين دوران ٽيڪس هدفن، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ آمدني جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.

آءِ ايم ايف پاران تجويز ڏني وئي ته ڪجهه شعبن تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪجهه شعبن تي اڳ ئي لاڳو رعايتي ٽيڪس جي شرح ختم ڪري معياري شرح لاڳو ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي ميمبر ڪسٽمز پاليسي سميت ٻين اختيارين به ڳالهين ۾ حصو ورتو.

حڪومتي ٽيم جو چوڻ آهي ته ٽيڪس تنازعات ۾ ڦاٿل اربين رپين جي واجبات جي وصولي آمدني جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جڏهن ته انتظامي ۽ انفورسمنٽ قدمن ذريعي به اضافي آمدني حاصل ڪئي ويندي.

ان سان گڏ، شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگوليشن، آٽو پاليسي ۽ ٽيرف سڌارن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شوگر سيڪٽر جي آزاديءَ جو مقصد چيني جي صنعت تي حڪومت جو ڪنٽرول گهٽائڻ آهي ته جيئن مارڪيٽ پاڻ قيمتن ۽ پيداوار جو تعين ڪري. آٽو پاليسي تحت گاڏين جي پيداوار، قيمتن ۽ ٽيرف جو تعين ڪيو ويندو.

وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته هو آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل التوا هيٺ معاملن کي جلد حل ڪن ته جيئن 7 ارب ڊالر جي توسيعي مالي معاهدي (اي ايف ايف) جي ٻئي جائزي تي ڳالهين کي هفتي جي آخر تائين ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجي.

وزيراعظم آفيس پاران صوبائي دارالحڪومتن ۾ مقرر وفاقي آفيسرن سان رابطو ڪري هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو التوا هيٺ معاملن ۽ ايندڙ هدفن تي پيش رفت کي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن مطابق هم آهنگ ڪن. اهي هدايتون صرف اي ايف ايف لاءِ نه، پر 1.4 ارب ڊالر جي موسمياتي لچڪ ۽ پائيداري فنڊ (ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبلٽي فئسيلٽي) لاءِ به ڏنيون ويون آهن.

صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ فنانس سيڪريٽريز کي 24 ڪلاڪن اندر پيش رفت جي تازي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ۽ ڪنهن به هدف جي پوري نه ٿيڻ يا دير جي واضح سببن جي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.

آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ ۾ ممڪن واڌ معيشيت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب معاشي واڌ جي رفتار سست ٿي سگهي ٿي. عالمي سطح تي غير يقيني صورتحال برقرار آهي، جيڪا پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ڇڪتاڻ وڌڻ سان اجناس جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پگهاردار طبقن لاءِ ٽيڪس ۾...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته...

حڪومت آءِ ايم ايف جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻي اهم شرط پوري ڪري ڇڏي...

پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي ٽئين...

حڪومت پاران آءِ ايم ايف...

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ٽيڪس هدف ۾ 150 ارب رپين جي گهٽتائي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});