لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گهٽ عمر ڊرائيورن جي چالان بابت ٽريفڪ پوليس اهم فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنجاب محمد وقاص نذير جي هدايت تي هاڻي گهٽ عمر ڊرائيورن خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي، صرف چالان ڪيو ويندو، جڏهن ته ايف آءِ آر گاڏي جي مالڪ خلاف داخل ڪئي ويندي.
پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت تي جاري ڪيل هن پاليسي جو مقصد نوجوانن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ آهي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنجاب چيو ته ڪمرشل، پبلڪ سروس ۽ سرڪاري گاڏين طرفان ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ۾ تيزي آندي ويندي. هن واضح ڪيو ته ٽريفڪ قانون جي لاڳو ڪرڻ دوران ڪنهن به قسم جي بدسلوڪي برداشت نه ڪئي ويندي. فيلڊ آفيسر کي ڊيوٽي دوران باڊي ڪيم استعمال ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.
ان کان علاوه، عوامي آگاهي مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ بينرز، بل بورڊز ۽ اسٽينڊيز سڀني شهرن ۾ لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته صوبو ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي زيـرو ٽالرنس لاڳو آهي، روڊن تي نظم و ضبط پهرين ترجيح آهي ۽ قانون سڀني لاءِ برابر آهي.

