اسلام آباد: باني پي ٽي آءِ عمران خان خلاف هڪ بند ڪيس ۾ اسلام آباد پوليس پاران چالان جمع ڪرائڻ جو انوکو واقعو سامهون آيو آهي، جڏهن ته عدالت اڳ ئي کيس بري قرار ڏئي چڪي آهي.
تفصيل موجب، اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان جي ٽرائل لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، پر پي ٽي آءِ جي وڪيلن عدالت کي ياد ڏياريو ته 27 فيبروري 2024 تي جوڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي آزادي مارچ ڪيس ۾ عمران خان سميت ٻين کي بري قرار ڏنو هو.
ڄاڻايل ڪيس تھاڻو ترنول ۾ داخل ٿيل هو، جنهن جو نمبر 627 آهي. ان ڪيس ۾ بريت باوجود پوليس پاران ساڳئي ڪيس ۾ چالان جمع ڪرائڻ تي قانوني حلقن ۾ حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
پي ٽي آءِ وڪيلن جو چوڻ آهي ته بريت بعد ساڳئي ڪيس ۾ ٻيهر ڪارروائي قانوني طور تي ممڪن ناهي، ۽ عدالت کي ان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.

