ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندن والد جي صحت بگڙجي رهي آهي ۽ هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ والد سان ملڻ لاءِ پاڪستان اچڻ چاهيون ٿا.
قاسم خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي 914 ڏينهن کان قيدِ تنھائي ۾ رکيو ويو آهي ۽ هن وقت سندن صحت خراب ٿي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي آزاد طبي سهولت تائين رسائي نه ڏني پئي وڃي، جڏهن ته حڪومت ڄاڻي واڻي سندن ويزا درخواستن تي ڪارروائي نه پئي ڪري. قاسم خان عالمي انساني حقن واري تنظيمن ۽ حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته هو هن معاملي تي آواز بلند ڪن.

