فيض حميد جي سزا کان پوءِ نئون موڙ: عمران خان خلاف بيان ڏيڻ جون تياريون، فيصل واوڍا جي وڏي دعويٰ

HomeFeatured Newsفيض حميد جي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، جنهن کي فوجي عدالت 14 سال قيد ۽ پورهئي جي سزا ٻڌائي آهي، هاڻي ثبوتن سميت عمران خان خلاف بيان ڏيڻ وڃي رهيو آهي. واوڍا موجب هي رڳو شروعات آهي ۽ معاملو هتي بيهڻ وارو ناهي.

هن چيو ته کيس 9 مئي کان هڪ سال اڳ ئي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو ۽ هو اڳ ئي خبردار ڪري رهيو هو ته اهڙي رستي تي نه وڃو جتان واپسي ممڪن نه هجي. سندس چوڻ مطابق رياست، ادارن ۽ ملڪ جي مفادن خلاف عملن تي سخت سزائون ملنديون آهن.

واوڊا جو دعويٰ هو ته فيض حميد ٻڌائيندو ته عمران خان کي وزيراعظم طور ڪهڙا حڪم ملندا رهيا، خاص طور تي 9 مئي جي حوالي سان. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ان وقت ملوث هئا، چاھي هاڻي پاسي ٿي ويا هجن يا جيل ۾ هجن، سڀني کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سندس مطابق هي عمل رڪجڻ وارو ناهي، پر شروعات آهي.

سينيٽر فيصل واوڊا، فيض حميد کي سزا تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي جا ڪيس باقي آهن ۽ جنهن سياسي پارٽي اهو ڪيو، ان جو فيصلو ڀت تي نظر اچي رهيو آهي، اهو انصاف جو ڊگهو سلسلو آهي، جيڪو نه بيهندو.

پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته منهنجي اها ڳالهه به ٺيڪ ثابت ٿي ته فيض حميد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڦاهي جي سزا نه ٿي.

هن چيو اڃا ته 9 مئي ڪيسن جو فيصلو ايندو، جنهن ۾ انهن تباهي مچائي، رياست، سياست، عدليا ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو، ميڊيا تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، فيصلي سان واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کان وڏو ڪنهن جو به پيءُ ناهي، سزا ۽ جزا جو بنياد رکيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته 9 مئي جو ٽرائل اڃا هلي رهيو آهي، جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ سزا 14 سال آهي، جيڪا سياسي جماعت انهن ڪيسن ۾ ملوث هئي، جيڪا ڊرامي بازي پي ٽي آءِ ۽ ان جي باني ڪئي، ظلم سان ماڻهن کي مارايو ويو، پنهنجي ئي اداري، شهيدن ۽ يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، مان انهن کي ان ئي شئي کان روڪي رهيو هيس، ٻڌايو هو ته سندن واپسي ناهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

عمران خان جي صحت بگڙجي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندن والد...

توشا خانا ٽو ڪيس ۾...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)L اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽...

قمر باجوه فيض حميد کي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناء الله هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ملاقات دوران...

فيض حميد بابت تاريخي فيصلو...

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيض حميد خلاف فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});