اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناء الله هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ملاقات دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي چيو هو ته “رانا تمام موٽو ٿي ويو آهي، ان کي ٻيهر اسمارٽ بڻايو”.
راڻا ثناء الله موجب باني پي ٽي آءِ جي دور ۾ سمورا معاملا فيض حميد، جنرل (ر) باجوه ۽ باني پي ٽي آءِ جي مرضي سان هليا. هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کانسواءِ ڪو ڪوڙو ڪيس ٺاهي ۽ پوءِ ان جو ڪو احتساب نه ٿئي.
وزيراعظم جي صلاحڪار ٻڌايو ته هڪ بريفنگ دوران جنرل باجوه مذاق ۾ چيو ته “رانا جيل ۾ اسمارٽ هو، هاڻي موٽو ٿي ويو آهي، فيض، رانا کي ٻيهر اسمارٽ بڻايو”. رانا ثناء الله جو چوڻ هو ته هن جواب ۾ جنرل باجوه کي چيو ته “مٿس ڪيس به اوهان ئي ٺاهيو هو، ۽ الله دنيا ۾ ئي ان جو حساب ڪندو.“

