اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه چئن سنگين الزامن ۾ ڏوهي قرار، 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا

HomeFeatured Newsاڳوڻو آءِ ايس...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي جي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد سزا ٻڌائي .

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ اهو عمل 15 مهينن تائين جاري رهيو.

آءِ ايس پي آر موجب، جوابدار خلاف 4 الزامن هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن.

آءِ ايس پي آر چيو ته ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائي کانپوءِ جوابدار کي سمورن الزامن ۾ قصوروار قرار ڏنو ويو، عدالت طرفان ڏنل سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو هوندي.

آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ۽ جوابدار کي دفاع لاءِ وڪيلن جي ٽيم چونڊڻ سميت سمورا قانوني حق ڏنا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سياسي عنصرن سان ڳٺ جوڙ، سياسي وڳوڙن ۽ عدم استحڪام وارا معاملا الڳ سان ڏٺا پيا وڃن.

واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدن تي رهي چڪو آهي ۽ هن ڪور ڪمانڊر پشاور طور به خدمتون انجام ڏنيون.

فيض حميد جو نالو ڪڏهن منظرعام تي آيو؟

فيض‌آباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو فيض حميد جو نالو سامهون آيو جڏهن سندس حوالي سان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي ڪرائڻ جي ڳالهه سامهون آئي.

2018ع وارين چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت 2019ع ۾ فيض حميد کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ۽ هو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهي عهدن تي رهيو.

ان کانپوءِ ٽي ايل پي سان معاهدي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، فيض حميد مٿان سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ حلف جي پاسداري نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان ئي دور ۾ سياسي انتقام، گرفتاريون ۽ وفادارين جي تبديلي جا الزامن پڻ سامهون آيا.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ فيض حميد تي سنگين قسم جا الزام لڳايا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت جا الزامن به سامهون آيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي به فيض حميد تي مداخلت جا الزام لڳايا هئا

ڪابل ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ جي ٽن هفتن بعد ِ فيض حميد جي ڪافي ڪپ واري تصوير تي سخت تنقيد ڪئي وئي.

پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ فيض حميد تي پي ٽي آءِ جي مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ، قانونسازي لاءِ اجلاس ۾ اڪثريت پوري ڪرائڻ ۽ بجيٽ منظور ڪرائڻ جهڙا الزام به لڳا.

فيض حميد کي ڪڏهن فوجي تحويل ۾ ورتو ويو؟

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 12 آگسٽ 2024ع تي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت سندس خلف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نجي هائوسنگ سوسائٽي واري معاملي تي شڪايتن کانپوءِ شروع ڪئي وئي، جنهن تحت تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري پڻ ٿي.

29 نومبر 2022ع تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ ئي رٽائر ورتي هئي.

فيض حميد کي ڪڏهن چارج شيٽ ڪيو ويو؟

گذريل سال 10 ڊسمبر تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت فيض حميد کي بظابطا چارج شيٽ ڪيو ويو.

انهن چارچز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان رسائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل هو.

آءِ ايس پي آر موجب، فيض حميد تي پرتشدد ۽ بدامني جي ڪيئي واقعن ۾ نوَ مئي سان لاڳاپيل واقعا پڻ جاچ ۾ شامل آهن.

 

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

قمر باجوه فيض حميد کي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناء الله هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ملاقات دوران...

فيض حميد بابت تاريخي فيصلو...

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيض حميد خلاف فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي...

فيض حميد جي سزا کان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اڳوڻو ڊي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});