راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڄ باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات جو ڏينهن هجڻ سبب اڊياله جيل ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي غيرمعمولي حد تائين وڌائي وئي آهي، جڏهن ته گورکپور کان ڏاهگل ناڪي تائين سمورا تجارتي مرڪز ۽ تعليمي ادارا بند رکيا ويا آهن.
اڊياله جيل جي چوڌاري ٻن شفٽن تي ٻڌل خاص سيڪيورٽي پلان لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 20 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، 8 ڊي ايس پيز ۽ 2 ايس پيز خاص ڊيوٽي تي مقرر آهن. جيل جي ڀرسان 1200 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 6 ليڊي انسپيڪٽرز سميت 48 ليڊي ڪمانڊوز به ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن.
ان کان علاوه آر ايم پي فورس، پنجاب ڪانسٽيبلري، ڊولفن اسڪواڊ ۽ ايليٽ فورس به سيڪيورٽي جا فرض نڀائي رهيون آهن. پوليس کي اينٽي رائٽ سامان پڻ فراهم ڪيو ويو آهي، ۽ سموري سيڪيورٽي ڊيوٽي جي سڌي نگراني ايس پي صدر انعم شرا ڪري رهي آهي. ايس ايس پي آپريشنز طارق ملڪ به اڊياله جيل پهچي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.
ٻئي پاسي پمز اسپتال جي پنج ڊاڪٽرن تي ٻڌل ٽيم اڊياله جيل پهچي وئي آهي، جيڪا عمران خان جو مڪمل طبي معائنو ڪندي. ٽيم ۾ جنرل فزشن ڊاڪٽر علي عارف، جنرل سرجن ڊاڪٽر طارق عبدالله، ماهر پيتھالاجي ڊاڪٽر سمن وقار، ماهر ڊرماٽالاجي ڊاڪٽر مبشر ۽ ليب ٽيڪنيشن نعمان اقبال شامل آهن. اڊياله جيل انتظاميه عمران خان جي مڪمل طبي جاچ لاءِ پمز اسپتال کي باضابطه خط لکي چڪي آهي۔

