فورٽ ورتھ (ٽيڪساس): آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر فورٽ ورتھ ۾ هڪ افغان شهري تي خودڪش حملو ڪرڻ ۽ بم ٺاهڻ جي ڌمڪي ڏيڻ جي الزام ۾ فردِ جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب، 30 ورهين جو محمد دائود الڪزي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ مبينا طور آمريڪين کي قتل ڪرڻ ۽ طالبان سان وفاداري جو اظهار ڪيو هو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار بائيڊن انتظاميه جي “آپريشن ايليز ويلڪم” پروگرام تحت آمريڪا آيو هو، جڏهن ته ايف بي آءِ جي رپورٽ مطابق فورٽ ورتھ سندس ممڪن هدف ٿي سگهي ٿو. عدالت جوابدار کي شروعاتي پيشين تائين حراست ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته کيس پنجن سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

