اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ مبينا حملي جي منصوبه بندي تي گرفتار ڪيل شخص بابت پاڪستان جي پرڏيهي آفيس وضاحت جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل لقمان خان پاڪستاني نه پر افغان شهري آهي۔
ترجمان طاهر اندرابي مطابق آمريڪا ۾ گرفتار لقمان خان جي شهريت بابت جاچ کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته هو افغانستان جو شهري آهي، جڏهن ته ڪجهه عرصو بطور مهاجر پاڪستان ۾ رهيو هو۔ ترجمان چيو ته لقمان خان پنهنجي زندگي جو وڏو حصو آمريڪا ۾ گذاريو آهي ۽ ميڊيا ۾ کيس “پاڪستان ڄائو” قرار ڏيڻ بي بنياد دعويٰ آهي۔
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته لقمان خان وٽ آمريڪا ۽ افغانستان جي ٻٽي شهريت موجود آهي ۽ هو ڪجهه وقت افغان پناهگير ڪيمپ ۾ به رهيو هو۔
واضح رهي ته آمريڪي رياست ڊيلاويئر ۾ 25 ورهين جي لقمان خان کي 24 نومبر جي رات پوليس ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن ڪينبي پارڪ ويسٽ ۾ هڪ ٽرڪ کي روڪيو ويو جنهن ۾ هو موجود هو۔ پوليس موجب جوابدار گاڏي مان لهڻ جي حڪم تي عمل نه ڪيو ۽ مزاحمت ڪئي، جنهن بعد کيس حراست ۾ ورتو ويو۔
جاچ دوران ٽرڪ مان پستول، ميگزين ۽ مبينا حملي جي منصوبه بندي سان لاڳاپيل دستاويز مليا، جن ۾ يونيورسٽي آف ڊيلاويئر جي پوليس اسٽيشن جو نقشو، داخلا ۽ نڪتل دروازن جا نشان ۽ هڪ پوليس آفيسر جو نالو شامل هو۔

