گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قرارداد منظور؛ اسرائيلي فوجن جي فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطالبو

HomeFeatured Newsگڏيل قومن جي...

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ اهم قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اسرائيلي فوجن کي والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. قرارداد جو عنوان “فلسطين جي سوال جو پرامن حل” رکيو ويو، جنهن جي حق ۾151 ملڪن ووٽ ڏنو، 11 مخالفت ڪئي ۽ 11 ووٽنگ کان پاسو ڪيو.

قرارداد ۾ زور ڏنو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن عمل بابت سڀني اهم معاملن تي قابلِ اعتماد ڳالهين جي فوري شروعات ڪئي وڃي ۽ ماسڪو ۾ هڪ عالمي امن ڪانفرنس سڏجي. جنرل اسيمبلي اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي قانونن جي مڪمل پاسداري ڪري، غير قانوني قبضو ختم ڪري، نئين آبادڪاري روڪي ۽ والاريل فلسطيني علائقن مان سڀني يهودي آبادڪارن کي نيڪالي ڏي.

قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غزه ۾ ڪنهن به قسم جي آباديائي يا جاگرافيائي تبديلي قبول نه ڪئي ويندي، ۽ غزه ۽ اولهه ڪنارو فلسطيني اٿارٽي جي هيٺ متحد ٿيڻ گهرجي. ان سان گڏ اسرائيل کي 1967 کان قبضو ڪيل سڀني فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، جيئن فلسطيني عوام پنهنجو بنيادي حق ــ حقِ خود اراديت ــ استعمال ڪري سگهن.

بحث دوران پاڪستان جي مستقل مندوب اسامه افتخار احمد چيو ته دنيا کي هاڻي پنهنجا واعدا عمل ۾ تبديل ڪرڻا پوندا. هن واضع ڪيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي، خودمختياري، امن ۽ انصاف جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.

پاڪستاني مندوب زور ڏنو ته غزه ۾ مڪمل سيزفائر، اسرائيلي فوجن جو انخلا، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ غزه جي فوري ٻيهر تعمير لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل علائقن ۾ ڪا به جبري تبديلي، ورهاست، الحاق يا جبري بي دخلي قبول نه ڪئي ويندي.

اسامه افتخار احمد اهو به چيو ته پائيدار امن جو واحد سياسي رستو اهو آهي ته 1967 جي سرحدن تي هڪ خودمختار، مڪمل، آزاد ۽ جغرافيائي طور تي ٻڌل فلسطيني رياست جو قيام ٿئي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ مشرقي يروشلم (القدس الشريف) هجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

گڏيل قومن ۾ ڊنمارڪ جي...

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ ڊنمارڪ جي سفير ڪرسٽينا مارڪس لاسن چيو آهي ته افغانستان ۾ پابندي شده...

گڏيل قومن جو اجلاس: پرڏيهي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تازي اجلاس ۾ دفاع واري وزير جي پويان...

ڀارت دنيا ۾ دهشتگردن جي...

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن جارحيت لاڳو ڪئي وئي ته اسان پاڪستاني مندوب آپريشن بنيان المرسوس ۾ ڏنل مناسب جواب ڏينداسين. پاڪستان...

جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي...

نيو يارڪ: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي ميڊيا کي مناسب...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});