اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان برطانيه کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي فوري حوالگي جو باقاعدي مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ چيو ويو آهي ته ٻئي ماڻهو پاڪستان ۾ انتهاي گهربل آهن، تنهنڪري کين بنا دير پاڪستان حوالي ڪيو وڃي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ سان اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ–برطانيه لاڳاپن، سيڪيورٽي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا سميت لاڳاپيل اختيارين پڻ شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران محسن نقوي برطانيه ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پاڪستانين جي واپسي بابت به ڳالهه ڪئي، جڏهن ته شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي ايڪسٽريڊيشن جا سرڪاري دستاويز برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا ويا.
گهرو وزير ٻنهي شخصيتن جي فوري حوالگي تي زور ڏيندي چيو ته اهي پاڪستان ۾ قانوني طور گهربل آهن، تنهنڪري کين بنا دير پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي.
محسن نقوي ملاقات دوران انهن پاڪستاني شهرين خلاف به ثبوت پيش ڪيا جيڪي ٻاهرين ملڪن مان رياست ۽ ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اظهارِ راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿو، پر فِيڪ نيوز هر ملڪ لاءِ سنگين مسئلو آهي، ۽ ڪنهن به ملڪ کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته ٻاهر ويهي بدنامي ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ڪندڙن جي واپسي لاءِ برطانوي تعاون جو ڀليڪار ڪيو ويندو.

