اسان اينٽ جو جواب پٿر سان نه ڏينداسين: پي ٽي آءِ چيئرمين

Homeاهم خبراسان اينٽ جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته پارٽي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ يا انتقامي سياست جو رستو اختيار ڪرڻ نٿي چاهي، پر انهن تي لڳايل الزامن بابت عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي.

پريس ڪانفرنس دوران بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ تي لڳايل الزامن ۽ سياسي دٻاءَ جي صورتحال عوام آڏو رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته 180 سيٽن جي مينڊيٽ باوجود پارٽي کي 91 سيٽن تائين محدود ڪيو ويو، جڏهن ته “اسان جي گهر جي سيٽ به کسي وئي”. هن وڌيڪ چيو ته باني چيئرمين عمران خان هميشه چيو ته “ملڪ به اسان جو آهي ۽ فوج به اسان جي آهي”، ۽ پي ٽي آءِ جنگي حالتن ۾ به فوج سان گڏ بيٺي.

گوهر علي خان چيو ته گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس ۾ استعمال ڪيل لفظ افسوسناڪ هئا ۽ لڳي ٿو ته ڪجهه حلقا ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. “انا کي پاسي ڪرڻو پوندو، هڪ ٻئي کي جاءِ ڏيڻي پوندي، ملاقاتون نٿيون ٿين ۽ ڪيس نٿا لڳن.”

سلمان اڪرم راجا جو خطاب

قانوني ماهر سلمان اڪرم راجا چيو ته ملڪ کي بار بار جبر ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، ۽ تاريخ شاهد آهي ته هر آمر ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عالمي سطح تي طاقتور ملڪن جي وچ ۾ نئون مقابلو جاري آهي، پر پاڪستان کي هميشه نقصان ئي ٿيو آهي.

سلمان اڪرم راجا چيو ته ملڪ ۾ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جن جو آئين ۽ قانون ۾ مثال نٿو ملو. “ڪيئن هڪ آفيسر آزاد عدليه جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو؟” هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي به ضلعي عدالت جي سطح تي آڻي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي شيرواني سان ٿيندڙ سلوڪ سڀني جي سامهون آهي.

هن چيو ته “عمران خان قومي سلامتي لاءِ خطرو ناهي”، ۽ جيڪڏهن خيبرپختونخوا حڪومت کي نشانو بڻايو ويو ته ان جا ذميوار پاڻ هوندا. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي وڏي سياسي قوت آهي ۽ ملڪ کي فلاح جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي.

اسد قيصر جو ردعمل

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته هو 30 سال کان عمران خان سان گڏ آهن ۽ انهن کي “سيڪيورٽي رسڪ” قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي عزت ڏني ۽ عوام جي حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت جيلن ۾ آهي، 64 هزار ماڻهن خلاف ڪيس ۽ 34 هزار گرفتارين باوجود پارٽي ملڪ کي پنهنجو سمجهي ٿي. هن چيو ته “سيٽون ورهائي ٻين پارٽين کي ڏنيون ويون، ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو هڻندڙن کان پڇو ته ڇا اها عزت آهي؟”

هن چيو ته عدالتن کي آئيني ترميم ذريعي مفلوج ڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي فوري آزادي ضروري آهي. گڏوگڏ هن ٻڌايو ته اپوزيشن اتحاد قومي ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

صاحبِ اقتدار دل وڏي ڪن،...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته هو هر اڱاري تي ملاقات لاءِ...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});