ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي افواهن کانپوءِ شهرين جو وڏو انگ مارڪيٽن جو رخ ڪيو، مارڪيٽن ۾ رش ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام خوف جو شڪار نه ٿئي نه ئي خوف ڦهلائي، عوام حڪومت جي اعلان تائين افواهن تي عمل نه ڪري. هن چيو ته جيڪو به فيصلو هوندو وفاقي حڪومت جي مشاورت سان ٿيندو، احتياط ڪرڻ آهي ته ڪورونا کان احتياط ڪيو .هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا سبب فوتگين جي شرح اسان جي سامهون آهي ۽ فوتين جي انگ ۾ هر روز اضافو ٿيندو پيو وڃي. هن چيوته ضروري ڪم ڪار جي لاءِ گهرن کان نڪرڻو آهي ته ماسڪ ضرور پايو ۽ سماجي وٿي تي به عمل ڪيو.
عوام حڪومت جي اعلان تائين افواهن تي عمل نه ڪري: مرتضيٰ وهاب جي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ اضافي ۽ سختي جي ترديد
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

