آسٽريليا(ويب ڊيسڪ) سڊني جي بونڊي بيچ تي هڪ تقريب دوران هٿياربند ماڻهن جي فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
غير ملڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو بونڊي بيچ تي ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻن هٿياربندن ماڻهن تي اوچتو فائر کوليو. مارجي ويلن ۾ هڪ حملي آور به شامل آهي، جڏهن ته ٻئي هٿياربند کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
اطلاعن موجب فائرنگ يهودين جي هڪ مذهبي تقريب دوران ٿي. واقعي کان پوءِ پوليس سڄي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بونڊي بيچ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي.
نيو سائوٿ ويلز پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ايمبولينس اداري موجب زخمين کي ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا جي وزيراعظم انتھوني الباني هن واقعي کي ڏکوئيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته هنگامي امدادي رضاڪار واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

