پشاور(ويب ڊيسڪ) اُتر وزيرستان جي تحصيل دتہ خيل ۾ بويا پوسٽ تي خودڪش حملو ڪيو ويو، پر في الحال ڪنهن جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي۔
مقامي پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تي فائرنگ جاري آهي ۽ ڌماڪي کان پوءِ اُتان ڳاڙهو دونهه اُٿندي ڏٺو ويو۔
حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل گاڏي استعمال ڪئي۔ ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيراءُ ڪري ڇڏيو۔
پوليس، سيڪيورٽي ادارا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۔

