اُتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) شمالي وزيرستان جي علائقن دته خيل ۽ مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين دوران مجموعي طور تي 10 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته هڪ خودڪش حملو به ناڪام بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب دته خيل ۾ دهشتگردن جي اچ وڃ بابت خفيه اطلاع ملڻ بعد فورسز علائقي جي 8 کان 10 ڏينهن تائين نگراني ڪئي. بعد ۾ دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي سهولت يافته 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا. مارجي ويلن ۾ فتنہ الخوارج جو ڪمانڊر محبوب عرف محمد به شامل آهي.
هي ڪارروائي نيشنل ايڪشن پلان تحت امن دشمن عنصرن خلاف جاري آپريشن جو حصو هئي.
ٻئي پاسي مير علي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي ڪيمپ تي خودڪش حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي ڌماڪو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٽي دهشتگرد ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ بهادرانه ڪارروائي سبب ٽيئي دهشتگرد ڪيمپ جي ٻاهران ئي مارجي ويا. هن حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪو به نقصان نه ٿيو.
ذريعن موجب گذريل چار ڏينهن دوران افغان طالبان جي طرفان موڪليل 94 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان دهشتگردن خلاف بنا امتياز ڪارروايون جاري آهن.

