مير علي (ويب ڊيسڪ) شمالي وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ خودڪش حملي جي ڪوشش کي بروقت ناڪام بڻائيندي 4 دهشتگردن کي مار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، هڪ دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي، جنهن سبب زور دار ڌماڪو ٿيو.
ان واقعي کان پوءِ، ٽي وڌيڪ دهشتگرد ڪيمپ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز جي بهادرانه ڪارروائي جي نتيجي ۾ اهي ڪيمپ جي ٻاهران ئي مارجي ويا. خوشقسمتي سان سيڪيورٽي فورسز کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو.
فوجي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران افغان طالبان جي حمايت يافته 88 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته نیشنل ايڪشن پلان تحت آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي حفاظت لاءِ ثابت قدم رهندا.

