راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران “فتنہ الھندوستان” جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.
تفصيل موجب، آءِ ايس پي آر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر چيو ته هي آپريشن گذريل رات “فتنہ الھندوستان” جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 هندستاني سرپرست دهشتگرد مارجي ويا.
ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ ڪنهن به امڪاني دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي جو آپريشن ڪيو پيو وڃي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ۽ دهشتگردي جي مجرمن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

