ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي گهرو کاتي طرفان سڪيورٽي صورتحال سبب سڄي صوبي ۾ 6 نومبر 2025 کان هڪ مهيني لاءِ دفعو 144 لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت جلسن، جلوسن، مظاهرن، سياسي سرگرمين ۽ هٿيارن جي نمائش تي مڪمل پابندي هوندي۔
نوٽيفڪيشن موجب، 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به سختي سان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هٿيار کڻي هلڻ يا ڏيکارڻ تي به مڪمل پابندي عائد ڪئي وئي آهي۔
گهرو کاتي جي ترجمان موجب، هي قدم امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ ممڪن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي، ۽ دفعو 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔
ياد رهي ته بلوچستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان دهشتگردي جي واقعن ۽ فورسز تي حملن ۾ واڌ سبب حفاظتي قدم سخت ڪيا ويا آهن۔

