ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون کي 15 ڏينهن جي لاءِ وڌائي ڇڏيو جيڪو هاڻ 2 جون تائين برقرار رهندو. بلوچستان ۾ موجوده لاڪ ڊائون جو مدو اڄ منجهند 12 وڳي پورو ٿي ويو هو جنهن جي واڌ جي لاءِ گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. لاڪ ڊائون دوران سڄي صوبي ۾ سمورن شاپنگ مالز، مارڪيٽن، دڪان، گودام، آٽو ريپئر شاپس ۽ هيئر ڪٽنگ سيلونز کي صبح 3 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي پر رمضان کان پوءِ شاپنگ مالز، مارڪيٽون ۽ دڪان صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهجن ٿا. گهرو کاتي جي پڌرائي موجب تندور، ڊيري پروڊڪٽس شاپس، ميڊيڪل اسٽور، بلڊ بينڪ ۽ ٽيلر شاپس کي 24 ڪلاڪ کليل رهڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز کي به رڳو هوم ڊيليوري ۽ ٽيڪ آ وي سروس جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رهڻ جي اجازت هوندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دڪان ۽ مالز ۽ ورڪرز ۽ خريدارن جي لاءِ هٿ ڌوئڻ لاءِ سينيٽائزر جي فراهمي ۽ ماسڪ ۽ گلور جو استعمال لازمي آهي، ڪنهن به خريدار کي بنا ماسڪ جي دڪان يا شاپنگ مال ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته خريدار ۽ ورڪر جي وچ ۾ هڪ ميٽر جو فاصلو ضروري هوندو ۽ ڪنهن به دڪان ۾هڪ ئي وقت 4 کان وڌيڪ ماڻهو نه هوندا.
بلوچستان حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون 15 ڏينهن جي لاءِ وڌائي ڇڏيو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

