باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنھ الخوارج جي وڏي سازش ناڪام بڻائيندي، سوين ڪلو بارود سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري تباهي کان بچائي ورتي. گاڏي کي ويران علائقي ۾ تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن جو منصوبو هو ته گاڏي کي باجوڙ جي سول آبادي ۾ ڌماڪي سان اڏايو وڃي، پر سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي سان هي سازش ناڪام بڻجي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هي بارود افغانستان مان اسمگلنگ جي مال سان گڏ آندو ويو هو، جنهن کي نئين تباهي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
سيڪيورٽي ادارن واضح ڪيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين عوام ۽ پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ ثابت قدم رهندي.

