لاهو(ويب ڊيسڪ) انسداد دهشتگردي عدالت لاهور ڪلمہ چوڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري سميت ٻين کي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عمر سرفراز چيمه، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته ميان اسلم اقبال سميت 12 اشتھاري جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت ٻڌايو ته ٽرائل دوران جيڪي جوابدار اشتھاري قرار ڏنا ويا، انهن ۾ مراد سعيد، زبير نيازي، علي حسن نواز، شبير حسين، عزيزالرحمان، ظريف خان، صياد خان، محمد جاويد، عبدالصمد، حماد اظهر ۽ واثق قيوم شامل آهن.
فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت ڪيس جي 24 جوابدارن جو ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌايو ويو. جوابدارن خلاف 37 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا ۽ ٿاڻي نصيرآباد طرفان 36 جوابدارن جو چالان داخل ڪيو ويو هو.
عدالت ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي جو هن ڪيس ۾ اڃا چالان داخل نه ٿيو آهي، سپليمنٽري چالان اچڻ بعد سندس ٽرائل ٻئي مرحلي ۾ ٿيندو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن تي بغاوت ۽ عوام کي فسادن لاءِ اُڪسائڻ جو الزام آهي.
وڪيل جو ردعمل
ڊاڪٽر ياسمين راشد جي وڪيل رانا مدثر عمر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ڪيسن جي معمول جي ڪارروائي مقرر هئي، پر اسان کي مڪمل دفاع جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ رات جي اوندهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سزائون ٻڌايون ويون.
هن چيو ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اسيرن جا حوصلا بلند آهن، هن وقت تائين اڳواڻن کي مجموعي طور 200 سالن کان وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي آهي، ۽ انهن سزائن کي اعليٰ عدالتن ۾ چيلينج ڪيو ويندو.

