اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 9 مئي وارن ڪيسن جي پسمنظر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اهم اڳواڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد انهن جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لاڳو ٿي ويندي.
ذريعن موجب 9 مئي جي واقعن بابت جاچ ۾ اهم اڳڀرائي کان پوءِ حڪومت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. فهرست ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، شاهه محمود قريشي، عمر ايوب، فواد چوڌري، شبلي فراز، علي امين گنڊا پور، شهريار آفريدي، عثمان ڊار، شيرين مزاري، زرتاج گل، مسرت چيمه، ڪنول شوزب، شيخ رشيد، شيخ راشد ۽ ميجر (ر) طاهر صادق جا نالا شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا بشارت، واثق قيوم عباسي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن تي به پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي گهرو کاتي فهرست ۽ سفارشون وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليون هيون، جنهن بعد اي سي ايل ڪميٽي انهن سفارشَن کي منظور ڪري نالا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو.

