غير قانوني افغاني پناهگيرن کي مهلت نه ڏيڻ ۽ فوري واپس موڪلڻ جو فيصلو

HomeFeatured Newsغير قانوني افغاني...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ افغان مهاجرن کي بنا ڪنهن اضافي مهلت جي فوري طور تي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. صرف اهي افغان شهري ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت حاصل ڪندا، جن وٽ صحيح ويزا موجود هوندي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم آفيس ۾ افغان مهاجرن جي واپسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، چارئي صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وزراءِ اعليٰ، خيبرپختونخوا جي نمائندي ۽ اعليٰ حڪومتي آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا وفاق جي اهم اڪائي آهي، ۽ وفاقي حڪومت ان جي ترقي ۽ عوام جي فلاح لاءِ مڪمل سهڪار جاري رکندي. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڏني وئي.

اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 16 آڪٽوبر 2025 تائين 14 لک 77 هزار 592 افغان شهري واپس موڪليا ويا آهن، ۽ هي عمل مرحليوار جاري آهي. غير قانوني طور تي رهندڙ افغانن کي ڪا به اضافي مهلت نه ڏني ويندي.

حڪام ٻڌايو ته افغان مهاجرن جي جلد ۽ باعزت واپسي لاءِ سرحدي ايگزٽ پوائنٽن جي تعداد وڌائي پئي وڃي. غير قانوني افغانين کي پناهه ڏيڻ يا گيسٽ هائوسز ۾ رهائش فراهم ڪرڻ قانوني جرم آهي، جنهن جي نشاندهي جو عمل جاري آهي.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته واپسي جي عمل دوران بزرگن، عورتن، ٻارن ۽ اقليتن سان عزتدار رويو اختيار ڪيو وڃي، ۽ عوام کي به هن عمل ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي، پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته انهن جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين قيمتي جانيون قربان ڪيون ۽ اربين ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو. افغانستان جي زمين مان پاڪستان تي دهشتگرد حملا ۽ انهن ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

هن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ڪيترائي ڀيرا ڪابل وڃي افغان نگران حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن افغان زمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، پر هاڻ پاڪستاني عوام سوال ڪري رهيو آهي ته حڪومت ڪيتري دير تائين افغان مهاجرن جو بار کڻندي رهندي؟

وزيراعظم تازو افغان سرحدي حملو ياد ڏياريندي چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته فوج نه صرف افغان جارحيت، پر ڀارتي جارحيت دوران به ثابت ڪيو ته هو وطن جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

اجلاس جي آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته افغان مهاجرن جي واپسي بابت سڀني سفارشات تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم صوبن کان مڪمل تعاون جي اپيل ڪندي واضح ڪيو ته نئشنل ايڪشن پلان تحت ملڪ جي دفاع، استحڪام ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سڀ ادارا گڏجي ڪم ڪندا.

صوبائي نمائندن ۽ وزراءِ اعليٰ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وفاقي حڪومت جو وڏو معاشي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت صنعتي ۽ زرعي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي...

وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 9 مئي وارن ڪيسن جي پسمنظر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ)...

انداز اپنا اپنا” جي سيٽ...

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سنيما جي "مسٽر پرفيڪشنسٽ" عامر خان، جنهن فلمي دنيا ۾ 6 ڏهاڪن جي ڪامياب سفر...

ٽي ايل پي تي پابنديءَ...

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});