ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سنيما جي “مسٽر پرفيڪشنسٽ” عامر خان، جنهن فلمي دنيا ۾ 6 ڏهاڪن جي ڪامياب سفر کي مڪمل ڪيو آهي، ماضي جي بلاڪ بسٽر فلم انداز اپنا اپنا جي شوٽنگ دوران پيش آيل دلچسپ ۽ تڪراري واقعن جو انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي عامر خان ٻڌايو ته:
“فلم جي شوٽنگ دوران اسان جو وقت ته سٺو گذريو، پر مان اهو ضرور چوندس ته شوٽنگ مڪمل ڪرڻ ڏاڍي مشڪل هئي. مان اڪيلو اداڪار هوس جيڪو وقت تي سيٽ تي پهچندو هو. جڏهن روينه سيٽ تي ايندي هئي ته ڪرشمه هلي ويندي هئي.”
عامر خان وڌيڪ چيو ته فلم جي ٻن هيروئنز، روينه ٽنڊن ۽ ڪرشمه ڪپور جي وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن سبب گڏجي شوٽ ڪرڻ ممڪن نه هو.
“مون کي خبر ناهي ته مون کي اهو چوڻ گهرجي يا نه، پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هئي، ۽ مان سوچيندو هوس ته فلم جي شوٽنگ آخر ڪيئن مڪمل ٿيندي.”
فلم جي ريليز کان پوءِ آيل ردعمل تي ڳالهائيندي عامر خان چيو ته:
“فلم جي ڪهاڻي ڪجهه عجيب هئي، اها فلم پهرين هفتي ۾ ئي ناڪام ٿي وئي، پر مون کي ان جي ڪاميابي تي يقين هو. وقت سان گڏ هر نسل ان فلم کي پسند ڪيو.”
ياد رهي ته انداز اپنا اپنا 1994 ۾ ريليز ٿي هئي، جنهن ۾ عامر خان ۽ سلمان خان امر ۽ پريم جا مزاحيه ڪردار ادا ڪيا هئا. فلم جي مکيه اداڪاره روينه ٽنڊن ۽ ڪرشمه ڪپور هيون.
ابتدائي طور تي فلم باڪس آفيس تي ناڪام رهي، پر وقت سان گڏ جڏهن ٽي وي تي نشر ٿيڻ لڳي ته اها ڪلٽ ڪلاسڪ بڻجي وئي، ۽ عامر–سلمان جي نوڪ جھونڪ ناظرین جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي وئي.

