قومي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا جو چوڻ آهي ته اسان کي خبر آهي ته اسان کي فائنل ۾ ڇا ڪرڻو آهي، اسان ان لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.
پاڪستان دبئي ۾ کيڏيل سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ بنگلاديش کي 11 رنسن سان شڪست ڏئي فائنل تائين پهتو.
ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي سلمان آغا چيو ته جيڪڏهن توهان هن طرح ميچ کٽي سگهو ٿا ته پوءِ توهان واقعي هڪ خاص ٽيم آهيو، اسان جي بالنگ ۽ فيلڊنگ شاندار هئي.
هن شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جي بالنگ جي به تعريف ڪئي.
سلمان علي آغا وڌيڪ چيو ته اسان هڪ اهڙي ٽيم آهيون جيڪا هميشه فائنل تائين پهچڻ جو رستو ڳوليندي آهي. بلاشبہ اسان جي بيٽنگ ۾ بهتري جي گنجائش آهي ۽ اسان فائنل ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته اسان فائنل لاءِ پرجوش آهيون. اسان ڄاڻون ٿا ته اسان ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

