اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت صنعتي ۽ زرعي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي رعايتي ريٽ منظور ڪري ورتو آهي، جنهن کي هڪ اهم معاشي قدم قرار ڏنو پيو وڃي۔ حڪومتي ريفرنس تي نيپرا منظوري ڏئي فيصلو باضابطه طور حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي۔
فيصلي موجب صنعتن لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي 22 رپيا 98 پيسا في يونٽ چارج ڪيو ويندو، جڏهن ته پاور ڊويزن نيپرا جي فيصلي جي آجيان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن۔ اختيارين جو چوڻ آهي ته هن صنعتي پيڪيج سان گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين تي ڪو به اثر نه پوندو۔
توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته ٽن سالن تي ٻڌل هي پيڪيج ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي سرگرمين کي تيز ڪندو، پيداوار وڌندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا۔ هن ٻڌايو ته ڊيٽا سينٽرز، ڪرپٽو مائننگ آپريشنز ۽ گرين فيلڊ صنعتون به هن رعايتي منصوبي مان فائدو حاصل ڪري سگهنديون۔
اويـس لغاري موجب صنعت ۽ زراعت ٻنهي شعبن لاءِ اضافي يونٽن جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت زراعت لاءِ نرخ 38 رپين مان گهٽائي 22 رپيا 98 پيسا ۽ صنعت لاءِ 34 رپين مان گهٽائي 22 رپيا 98 پيسا مقرر ڪيا ويا آهن۔ هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪو زرعي صارف اڳ 100 يونٽ استعمال ڪندو هو ته هاڻي اضافي 100 يونٽن تي اوسط قيمت ۾ 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿيندي، جڏهن ته صنعتي صارفين لاءِ اضافي هزار يونٽن تي لڳ ڀڳ 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي ايندي، جنهن سان مجموعي طور بجلي جي اوسط قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي۔
توانائي واري وزير جو چوڻ هو ته صنعت ۽ زراعت ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ هي پيڪيج انهن شعبن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جا معاشي واعدا پورا ٿي رهيا آهن ۽ هن قدم سان معيشت ۾ بهتري ايندي۔
پاور ڊويزن موجب نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد پيڪيج لاڳو ٿي ويندو، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندڙ بجلي تي لاڳو ٿيندو۔

