پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو قافلو لاهور جي ٻن ڏينهن واري دوري لاءِ پنجاب ڏانهن روانو آهي، جتي پنجاب پوليس سندن آمد تي چڪري ريسٽ ايريا سيل ڪري ڇڏيو. وزيراعليٰ بيـرا ريسٽ ايريا تي پهچي نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ روانو ٿي ويو.
وزيراعليٰ سهيل آفريدي پشاور کان روانگي کان اڳ دعاءِ خير ڪئي. معاونِ خصوصي براءِ اطلاعات شفيع جان ۽ صوبائي وزير مينا خان به ساڻس گڏ آهن. وزيراعليٰ اڄ رات لبرٽي چوڪ ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندو.
چڪري تي قيـام و طعام جا ايريا سيل ٿيڻ تي وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو ته پنجاب حڪومت خوفزده آهي، عوامي نمائندن جو رستو روڪڻ اصل ۾ عوام جي آواز کي دبائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن وڌيڪ چيو ته اقتدار جي زور تي عوامي حقن کي سلب ڪرڻ جمہوريت نه پر کلي آمريت آهي.
خاص معاون شفيع جان چيو ته وزيراعليٰ چونڊيل پارليمنٽرينز سان گڏ لاهور جي دوري تي آهي، پنجاب پوليس جو رستو روڪڻ افسوسناڪ آهي. حسن ابدال ۽ چڪري ۾ ڪارڪنن جي شاندار استقبال کان پنجاب حڪومت خوفزده ٿي وئي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ ڪارڪنن جوش ۽ جذبي سان وزيراعليٰ جي استقبال لاءِ تيار آهن، پنجاب حڪومت جا اوڇا هتڪندا اسان کي خوفزده نه ڪندا.

