جامشورو:( رپورٽ : نور بروھي ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر ۽ تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي وائس چيئرمين سيد زين شاهه سان خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي سان ملاقات ڪئي۔ جي ايم سيد اِيڊيفس پهچڻ تي سيد زين شاهه ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻن وزيراعليٰ خيبر پختونخواهه جو شاندار ۽ والهاڻو استقبال ڪيو، گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ اجرڪ پارائي وئي۔
ان موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اهتمام هيٺ هڪ جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته زرداري جي حڪم تي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، سياسي سرگرمين تي پابنديون وڌيون پيون وڃن ۽ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن۔ هن چيو ته موجوده پيپلز پارٽي اها بدروح آهي جيڪا پنهنجا ئي ٻار کائي ٿي، اها سڄي سنڌ کي کائي چڪي آهي پر ان جو پيٽ اڃا به نٿو ڀري۔ سنڌ جا نوجوان ميرٽ ۽ انصاف کان محروم ڪيا پيا وڃن۔
سيد زين شاهه چيو ته موجوده حڪومت جعلي حڪومت آهي۔ 2022ع کان وٺي اڄ تائين جعلي حڪومت جيڪي آئيني ترميمون ڪيون آهن، انهن آئين جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي، عدالتون ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ انصاف جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، اسان اهو سڀ ڪجهه نٿا مڃون۔ اسان پاڪستان جي آئين جو تحفظ چاهيون ٿا۔
هن چيو ته اسان جا هزارين ٻار شهيد ٿيا آهن، پوءِ به اسان سنڌ جي خودمختياري لاءِ جدوجهد جاري رکيو ويٺا آهيون۔ شارٽ ٽرم قدمن سان رڳو ڪجهه ماڻهن جي حڪمراني هلي ٿي۔ عدليه کي ختم ڪندڙ ڪارن قانونن ذريعي اسان جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي۔ معيشت جو ڦيٿو بيهي ويو آهي، ملڪ مان سيڙپڪار نڪري رهيا آهن۔
سيد زين شاهه چيو ته قدرت جو قانون آهي، جڏهن گهُٽ وڌي ٿي ته برسات اچي ٿي، ۽ جڏهن ظلم ۽ ناانصافي جي نظام ذريعي ملڪ تي قبضو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ عوامي انقلاب اچي ٿو۔ ملڪ هن وقت معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران جو شڪار آهي۔ سياسي اڳواڻن تي جعلي ڪيس ٺاهي کين جيلن ۾ وڌو پيو وڃي، جيڪو انتهائي ظلم آهي۔
هن چيو ته غداري جا سرٽيفڪيٽ عمران خان سميت سڀني کي ڏنا پيا وڃن، اسان هن يزيدي حڪومت خلاف اڳتي وڌنداسين ۽ تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي جدوجهد کي جاري رکنداسين۔ هن مطالبو ڪيو ته موجوده حڪومت ختم ڪري نوان شفاف چونڊون ڪرايون وڃن۔ هن اعلان ڪيو ته 8 فيبروري تي شٽر ڊائون هڙتال ٿيندي ۽ اهو ڏينهن ملڪ ۾ تبديلي جو ڏينهن هوندو۔
جلسي کي خطاب ڪندي خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي چيو ته پاڪستان جي عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري آهي۔ هن چيو ته عمران خان سنڌ واسين ڏانهن جيل مان پيغام موڪليو آهي ته هتي اسٽريٽ موومينٽ جي تياري ڪئي وڃي، ۽ جڏهن عمران خان اسٽريٽ موومينٽ جي سڏ ڏيندو ته اوهان کي اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو۔ هن چيو ته سنڌ هن وقت زرداري جي قبضي هيٺ آهي، ڪراچي ۾ باغِ جناح جا گيٽ تالا هڻي بند ڪيا ويا آهن۔
سهيل آفريدي چيو ته پيپلز پارٽي ڇبيس هين آئيني ترميم ذريعي پاڪستان جي آئين جو ڍانچو ئي لوڏي ڇڏيو آهي۔ سنڌ جي عوام هاڻي پيپلز پارٽي کي وڌيڪ برداشت نٿي ڪري ۽ سنڌ جي عوام انهن کان آزادي چاهي ٿي۔
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر سلمان اڪرم راجا خطاب ڪندي چيو ته عمران خان چٽان وانگر جيل ۾ ويٺو آهي ۽ هو هتي جي مظلوم ماڻهن لاءِ جيل ڪاٽي رهيو آهي۔ هن چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن کي نٿا ملن، گئس ۽ پاڻي سنڌ جو آهي۔ تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي پليٽ فارم تان اسين اوهان سان گڏ بيٺل آهيون۔ جيڪڏهن عمران خان بزدل هجي ها ته ڊيل ڪري ڪڏهن جو جيل کان ٻاهر اچي وڃي ها، پر هو اصولن جي جنگ وڙهي رهيو آهي۔ پنجابي، بلوچ، سنڌي يا پٺاڻ، سڀ عمران خان سان گڏ آهن۔



