اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان هڪ ڏينهن واري دوري تي پاڪستان پهتو، جتي صدر، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ملاقاتون ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
خاص مهمان جي شاهاڻي جهاز نورخان ايئربيس تي لينڊ ڪيو ته پاڪ فضائيه جا جي ايف 17 ٿنڊر جهاز سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته هٿياربند فوجن جي چاق ۽ چوبند دستي گارڊ آف آنر ڏنو ۽ 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مهمان جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، عطا تارڙ ۽ ٻيا وزير موجود هئا. يو اي اي صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان پهتو.
دوري دوران شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي برادرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. معاشي تعاون، سيڙپڪاري، توانائي، انفرااسٽرڪچر، آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
ٻنهي اڳواڻن دوطرفي واپار ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جو ڏي وٺ ڪئي. گڏيل مقصدن جهڙوڪ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ويو.

