ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو سميت 23 ڪارڪنن جي شهادت جي 18هين برسي عقيدت ۽ سوگ سان ملهايو پيو وڃي. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ ۾ ٿيل هي المناڪ سانحو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ سياه باب قرار ڏنو وڃي ٿو.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بينظير ڀٽو عالمِ اسلام جي پهرين خاتون وزيراعظم هيون، جن آئين، پارليمان ۽ عوامي حقن لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. هوءَ پرامن سياست ۽ جمهوريت تي مڪمل يقين رکندڙ هئي.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد بي بي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته 27 ڊسمبر اسان لاءِ اجتماعي سوگ، غور و فڪر ۽ تجديدِ عزم جو ڏينهن آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو آمريت، انتهاپسندي ۽ عدم برداشت خلاف مزاحمت جي علامت هيون.
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري گڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڏني، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چڙهايا. آصفه ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي مزارات تي به دعا ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ التجا ڪئي.
ورسي جي موقعي تي سنڌ ۽ آزاد ڪشمير ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف پيپلزپارٽي جا ڪارڪن شڪايت ڪن ٿا ته واعدن باوجود 18 سال گذرڻ کان پوءِ به لياقت باغ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي يادگار قائم نه ٿي سگهي، جنهن سبب کين سخت مايوسي ٿي آهي.

