ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي انتظامي فيصلن جي هڪ انوکي مثال سامهون آئي آهي، جتي هڪ آفيسر کي صفائي، سيوريج مينٽيننس ۽ ڪوئا پڪڙڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.
اي ايس آءِ منور مهدي کي بطور انچارج ايڊمنسٽريشن مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ذميوارين ۾ واش رومز جي صفائي سٿرائي بابت هر هڪ ڪلاڪ بعد رپورٽ تيار ڪرڻ، سيوريج لائينن ۾ ڪوئا ۽ ڪيڙن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ شامل آهن. اهي سڀ ڪم هو پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي مدد سان انجام ڏيندو.
واضح رهي ته منور مهدي خلاف هڪ انڪوائري ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته کيس ڪنهن به اميگريشن چيڪ پوسٽ تي مقرر نه ڪيو وڃي. ان سفارش جي روشني ۾ کيس ڊي ڊي آفيس ۾ ايڊمنسٽريشن انچارج طور تعينات ڪيو ويو.

