اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن جي ويزن جو اهم جزو آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم ڪابينا ارڪان کي نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پي آئي اي جي 75 سيڪڙو حصص جي نجڪاري کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته هي قدم معاشي استحڪام ڏانهن اهم سنگ ميل آهي.
وزيراعظم ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن سان ملڪ کي ڊي فالٽ جي خطري کان ٻاهر آڻي معاشي استحڪام ڏانهن وڌايو ويو آهي.
هن صدر يو اي اي سان ملاقات کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ مشاورت جي حوالي سان مفيد قرار ڏنو، جڏهن ته سعودي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
اعلاميي موجب وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي ۽ اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي، جڏهن ته آف گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس جي لي وي بابت صارفين کي رليف ڏيڻ ۽ گيس جي فراهمي لاءِ صدارتي حڪم نامي جي منظوري پڻ ڏني وئي.

